ٽڪ ماڳ

ٽَڪ- ماڳ: هي ماڳ ڪاپٽ کان اٽڪل ساڍا ٽي ڪلو ميٽر ڏکڻ-اولهه تعلقي ٿاڻو بولاخان ضلعي ڄامشوري ۾ موجود آهي. پٿرن جي ڍڳ واري هن ماڳ مٿان ڪي اڏاوتون به تعمير ٿيل آهن. جن ۾ ست ڪمرا آهن، وچيون ڪمرو اوڀر توڙي اولهه پاسي وارن ڪمرن جي سنوت کان وڌيل آھي. ڪرنل فريئر ڪراچيءَ کان سيوھڻ ويندي ھي ماڳ ڏٺو ھو. هن خيال ڏيکاريو هو ته ھن قسم جون اڏاوتون مسافرن جي اجھي لاءِ به ٿي سگھن ٿيون. ايڇ. ٽي. لمبرڪ به سنڌ جي تاريخ ۾ ٽڪ ماڳ جي آثارن جو ذڪر ڪيو آھي.


لفظ ٽڪ ماڳھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو